news
ٽنڊو ڄام

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي ۾ فيڪلٽي جي استادن ۽ ماهرن جو اجلاس ٿي گذريو

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي ۾ فيڪلٽي جي استادن ۽ ماهرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري شريڪ ٿيو.

اجلاس ۾ آگاهي ڏني ويئي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران انبن جي بيمارين کان پاڪ نرسري قائم ڪندي انبن جي مختلف جنسن جي بيمارين کان پاڪ ٻوٽا تيار ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي ۾ تحقيقي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان ڏنل ڄاڻ موجب ان نرسري ۾ سنڌ سميت ملڪ ۾ وڌيڪ لڳايون ويندڙ انبن جي جنسن جي نرسري تيار ڪئي ويندي، جنهن سان انبن جا آبادگار بنا ڪنهن خوف جي انبن جون بيمارين کان پاڪ جنسن جا باغ لڳائي سگهندا.

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن کي تدريسي ۽ تحقيقي ڪمن سان گڏ صحتمند سرگرمين ۾ سرگرم ڪرڻ لاءِ ايڇ اي سي گرين يوٿ موومينٽ جوڙي پئي وڃي، جنهن لاءِ ڪاميٽي به قائم ڪئي ويئي آهي.

وائيس چانسلر پاران خواجه اسٽاپ توڙي حيدرآباد جي سبزي منڊين مان بچندڙ يا ضايع ٿيندڙ ڀاڄين کي ضايع ڪرڻ يا ان کي گندگي ۾ اڇلڻ بجاءِ انهن ڀاڄين کي پروسيس ڪري ان مان نامياتي ڀاڻ تيار ڪرڻ سان گڏ توانائي تيار ڪرڻ ۽ ڪراچي، حيدرآباد سميت مختلف علائقن جي ڇيڻن مان بائيو گيس ۽ نامياتي ڀاڻ تيار ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

ان موقعي تي ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ، اينيمل هسبنڊري اينڊ وٽرينري سائنسز فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، انجنيئرنگ فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر نعمت الله لغاري، ڪراپ پروٽيڪشڻ فيڪٽي جو ڊين ڊاڪٽر جان محمد مري، سوائل سائنسز ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ڊاڪٽر عنايت الله لغاري، ڊاڪٽر سيد ضيا عباس شاهه، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر قمرالدين جوڳي، ڊاڪٽر اعجاز سومرو، ڊاڪٽر محموده بهرام ٻرڙو ۽ ٻيا موجود هئا.