news
ڄامشورو

صوبائي وزير سردار شاهه جي هدايتن تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين پاران مختلف بڪ شاپس جو دورو

ڄامشورو: (اڱارو 31 آگسٽ 2021ع) تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه جي هدايتن تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين پرويز احمد بلوچ حيدرآباد جي مختلف ويئر هائوسز ۽ بڪ شاپس جو دورو ڪري ڪتابن جي کوٽ ۽ اسڪولن ۾ ڪتاب نه پهچڻ وارين شڪايتن جو جائزو ورتو.

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين پرويز احمد بلوچ، انرولمينٽ انچارج هادي بخش کوکر، توفيق علي شيخ ۽ ٻين حيدرآباد شهر، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ويئر هائوسز جو دورو ڪيو جتي گدامن ۾ پرائمري ۽ سيڪينڊري نصابي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود مليو، جنهن تي بورڊ چيئرمين لاڳاپيل تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کان ڪتاب اسڪولن ۾ نه پهچائڻ جو سبب معلوم ڪيو، جنهن تي تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن ڄاڻايو ته ڪورونا وبا سبب اسڪول بند هئا، ان ڪري اسڪولن تائين ڪتاب پهچائي نه سگهياسين، هاڻي اسڪولن اندر تعليمي عمل شروع ٿيو آهي ته جلد اسڪولن ۾ نصابي ڪتاب پهچايا ويندا.

ان موقعي تي چيئرمين پرويز احمد بلوچ تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته گدامن ۾ ڪتابن کي ضايع ڪرڻ بدران ترت اسڪولن اندر پهچايا وڃن ته جيئن ٻارڙن جي تعليم وارو عمل متاثر نه ٿئي. ٻئي پاسي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ٽيم مارڪيٽ ۾ ڪتاب نه ملڻ جي شڪايت تي يونيورسل بڪ شاپ، عظيم بڪ هائوس ۽ رهبر بڪ هائوس سميت حيدرآباد جي مختلف ڪتابن جي دڪانن جو دورو ڪيو، جتي پڻ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا درسي ڪتاب وڏي تعداد ۾ موجود هئا، ان موقعي تي ٽيم دڪاندارن کي هدايت ڪئي ته ڪتاب نه ملڻ جي صورت ۾ سنئون سڌو اداري سان رابطو ڪيو وڃي.

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين پرويز احمد بلوچ موجب بورڊ پاران ڏيڍ مهينو اڳ پرائمري ۽ مهينو اڳ سيڪينڊري اسڪولن جا ڪتاب هر تعلقي جي ايجوڪيشن آفيسرن حوالي ڪيا ويا هئا، تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن جي سستي جي ڪري ڪجهه اسڪولن ۾ ڪتاب پهچي نه سگهيا، جنهن شڪايت جو جائزو وٺڻ لاءِ حيدرآباد ضلعي جي ويئر هائوسز ۽ بڪ شاپس جو دورو ڪيو آهي ۽ اهڙي ريت سنڌ جي ٻين ضلعن جا به جلد دورا ڪيا ويندا۔