news
نٸون ديرو

وڏي وزير جي خاص معاون پارس ڏيرو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ويو

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي بابت وڏي وزير جي خاص معاون پارس ڏيرو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ويو. جتي هن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.

جنهن بعد مزار ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پارس ڏيرو جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت سنڌ سان ناانصافيون ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جو پاڻي چوري ڪري سنڌي ماڻهن کي پاڻي کوٽ جي ور چاڙهيو ويو آهي، جنهن تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي قيادت ۾ سنڌ جي وڏي وزير سميت سنڌ حڪومت انهن خلاف ڀرپور آواز اٿاري رهي آهي. وفاقي حڪومت ملڪي عوام سان ڪوڙا واعدا ته ڪيا پر عوام کي نوڪرين توڙي گهر ڏيڻ وارن معاملن ۾ مڪمل طور نظر انداز ڪيو آهي، جنهن تي ملڪ جو عوام کين سڃاڻي چڪو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته عوام هاڻي انهن جي ڪوڙن واعدن تي اعتماد نه ڪندو.

هن چيو ته پوري سنڌ ۾ نوجوانن کي راندين توڙي ٻين معاملن ۾ موقعو فراهم ناهي ڪيو ويو ۽ اسان ڪوشش ڪنداسين ته سنڌ جي ٽئلينٽ کي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪريون. آئون پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو شڪر گذار آهيان جن مونکي کي موقعو فراهم ڪيو آهي ۽ اسان عوام کي وس آهر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.

هن چيو ته وفاق سنڌ جي بجيٽ جو حصو کائي ويو آهي، جنهن ڪري مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ان ڪري ئي ترقياتي رٿائون مڪمل ناهن ٿي سگهيون. جن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ آئون وڏي وزير سان صلاح مشورا ڪري انهن کي مڪمل ڪرائينداسين ۽ نوجوانن کي پنهنجو ٽئلينٽ ملڪ ۽ دنيا آڏو پيش ڪرڻ لاءِ اهڙا پليٽ فارم پيدا ڪنداسين ته جيئن هو پنهنجو ٽئلينٽ پوري دنيا کي ڏيکاري ملڪ جو دنيا ۾ نالو روشن ڪري سگهن.