ڏوڪري ويجهو ڳوٺ مڌرا جو واسي نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ويجهو ڳوٺ مڌرا جو رهواسي 12 ورهين جو نينگر رابيل جوڻيجو ڪالهه شام مينهون چاريندي پيرن ترڪڻ سبب رائيس ڪئنال ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو. جنهن جو لاش رات دير سان ٽوٻن ڳولجا بعد هٿ ڪري ورتو.

هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.