news
ٽنڊو ڄام

سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران ايڌي هوم ۾ وڻڪاري لاءِ ٻوٽا فراهم ڪيا ويا

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ايڌي هوم ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم ۽ ميون جا ٻوٽا لڳرائڻ لاءِ پنهنجي ماهرن وسيلي خدمتون ڏئي رهي آهي. هڪ مختصر تقريب ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري انبن، ليمي، چيڪو، سهانجهڙي جون 150 چڪيون ايڌي حيدرآباد جي انچارج معراج احمد جي حوالي ڪيون.

ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن تي ٻڌل گرين يوٿ سوسائٽي جا اڳواڻ به موجود هئا.

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم، اربن فاريسٽ ۽ شهر ۾ وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ مختلف ادارن سان فني طور رابطي ۾ آهي. هن چيو ته اسانجي خواهش آهي ته ڪراچي ۾ اهڙن ميون وارا ٻوٽا به لڳڻ گهرجن، جنهن لاءِ اهو تصور موجود آهي ته اهي ٻوٽا ڪراچي جي ماحول موجب نه ٿا ٿي سگهن.

هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ان کان اڳ به ايڌي کي سندس جانورن وارن فارمن ۽ بيمار جانورن جي سارسنڀال واري سينٽر ۾ ميڊيڪل جو فني خدمتون ڏئي رهي آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته ايڌي سربراهه فيصل ايڌي سان ان سلسلي ۾ ڳالهيون به ٿيون آهن ۽ اسان جي ٽيم ايڌي هوم جو دورو به ڪري چڪي آهي، 150 وڻن جون چڪيون لڳڻ سان ايڌي هوم ۾ خوشگوار ماحول پيدا ٿيندو.

ان موقعي تي ڊاڪٽر سيد ضياء الحسن شاهه ۽ ٻين به خيالن جو اظهار ڪيو.