news
جيڪب آباد

جيڪب آباد جي عدالت موٽرسائيڪل چوري ڪيس ۾ ھڪ جوابدار کي ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت موٽرسائيڪل چوري ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ھڪ جوابدار امجد علي جکراڻي کي ٽي سال قيد ۽ 30 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مھينا قيد جي سزا ڀوڳيندو.

واضح رهي ته 4 اپريل 2021 تي جوابدار سول لائن ٿاڻي جي حد جمس اسپتال ٻاهران شھري ثاقب علي مغيري جو موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويو، سي سي ٽي وي ڪيمرا ذريعي جوابدار جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويو هو.