news
لاھور

وهاڙي ۾ وحشي مڙس گهريلو تڪرار تان زال ۽ ٽن ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو

لاهور: (اربع 01 سيپٽمبر 2021ع) وهاڙي ۾ وحشي مڙس گهريلو تڪرار تان زال ۽ 3 ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار  ڪهاڙي جا وار ڪري زال ۽ ٻارن کي قتل ڪيو.

ان حوالي سان پوليس ٻڌايو آهي ته ڏوراهين ڳوٺ 30 ڊبليو ۾  وحشي مڙس زال ۽ ٽن ٻارن کي ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪيو. قتل ٿيندڙن ۾ زال شهناز 8 ساله ٻارڙي سميرا، 6 سالا پٽ زين ۽ 3 ساله ڌيءَ شائزه شامل آهن. جوابدار عمر کي پوليس گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

شروعاتي جاچ ۾ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته مون گهريلو تڪرار تان تنگ ٿي ڪهاڙين جا وار ڪري زال ۽ ٻارن کي قتل ڪيو.