news
ڏوڪري

ڏوڪري: گورمينٽ پرائيمري اسڪول چنا موچي ۾ ڪتاب ورھائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) حڪومت سنڌ پاران تعليم کاتي ۾ ڏنل مفت ڪتاب جي سلسلي ۾ گورمينٽ پرائيمري اسڪول چنا موچي ۾ ڪتاب ورھائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.

جنهن ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستر خادم حسين ڀٽي ۽ استدن سائين زالفقار علي ميراڻي، پرويز علي سميجو، بلاول علي منڳي ۽ عابد علي ابڙو پاران 200 کان مٿي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پهرين درجي کان پنجين درجي تائين مفت ڪتاب ڏنا ويا.

ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر خادم حسين ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اسڪول جي هر ٻار کي بنا ڪنهن فرق جي درسي ڪتاب ڏنا آهن ته جئين هو ڪتابن سان علم جي اڄ اجهائن.