news
بدين

پريس ڪلب جو وفد اسلام آباد ۾ اهم شخصيتن سان ملاقات بعد واپس بدين پهچي ويو

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) پريس ڪلب بدين جي صدر تنوير احمد آرائين جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد پهتل 16 رڪني وفد اسلام آباد ۾ اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير فواد بين الصوبائي کاتي جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميدهه مرزا، پ پ پ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري فرحت الله بابر ۽ ٻين اهم سياسي شخصيتن سان ملاقات ڪئي. پريس ڪلب بدين ۽ صحافين کي پيش ايندڙ مسئلن کان آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪلبن ۽ صحافين جي مسئلن جي حل خاص ڪري پريس ڪلب بدين جي نئين عمارت جي تعمير جو يقين ڏياريندي منصوبي تي عملي جامون پهرائڻ لاءِ پي آئي ڊي کي هدايتون جاري ڪيون.

ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته ملڪ ۾ حقيقي ميڊيا جو ڏڪار آهي، ايتري قدر جو ڪجھ ميڊيا هائوسز مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ حقيقي صحافت ڪندڙ ۽ ميڊيا جي ورڪرن کي ڪنهن به قسم جو معاشي تحفظ حاصل نه آهي، حڪومت ميڊيا مالڪن کي 70 ڪروڙ کان مٿي رهتون ادا ڪيو آهن پر اهي پنهنجي ورڪرن کي پگهار به نه ٿا ڏين. ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ذريعي جڏهن ته سوشل ميڊيا به بي لغام بڻيل آهي، ان کي به ريگولر ڪيو ويندو نه ته ملڪ هلي نه سگهندو. سوشل ميڊيا سبب ڪنهن جي به عزت محفوظ نه آهي، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ذريعي ميڊيا جي ڪارڪنن ۽ فيڪ نيوز تي صلح ڪرڻ کان سواءِ هر معاملي تي ميڊيا مالڪن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

ان موقعي تي ڊاڪٽر فهميدهه مرزا چيو ته بدين پريس ڪلب ضلعي جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اهم اداري ڪري رهي آهي، ان کي فنڊ ڏنا وڃن وفد ۾ پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري حميد سومرو، نائب صدر شوڪت ميمڻ، سينئر صحافي ملڪ محمد الياس، مرتضيٰ ميمڻ، عبدالمجيد ملاح، شڪور ميمڻ، خالد عزيز عباسي، اشرف عبداللہ ميمڻ، عمران عباس، خواجه اشفاق ميمڻ، نور حسن سولنگي، سليمان منڌرو ۽ دودو پنهور پڻ موجود هئا. جن ملڪ جي اترين سياحتي علائقن جو دورو پوڻ ڪيو. سياحن کي ملندڙ سهولتن ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن جو جائزو پڻ ورتو.