news
اسلام آباد

ڀارتي ڊيلٽا وائرس پاڪستان ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي: اسد عمر

اسلام آباد: (خميس 02 سيپٽمبر 2021ع) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڀارتي ڊيلٽا ويرينٽ پاڪستان ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.

وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته عالمي سطح تي مشاهدي موجب ڀارتي ڊيٽا ويرينيٽ تيزي سان پکڙجندو آهي ۽ پاڪستان ۾ به ڀارتي ڊيلٽا ويرينيٽ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.

هن چيو ته هن وقت اسپتالن ۾ ڪورونا جي ڳڻتي جوڳن مريضن جي انگ ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي ۽ ڀارتي ڊيلٽا ويرينيٽ جي پکيڙ سبب اسپتالون به ڀرجي سگهن ٿيون. وفاقي وزير شهرين کي اپيل ڪئي ته شهري ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪن.