news
ڏوڪري

ڏوڪري ڀرسان نوجوان دوڪاندار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي وارثن پاران وارثن جو احتجاج

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان چنال پل وٽان ڳوٺ محمد خان چانڊيو ۾ نوجوان دوڪاندار مير محمد چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي وارثن پاران ڀاءُ سڄڻ چانڊيو، عاشق چانڊيو امڙ لال خاتون ۽ مقتول جون ڌيئرون پاڪ ڪتاب کڻي روڊ بند ڪري پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري 2 ڪلاڪ تائين نٽھڻ اس تي ڌرڻو هنيو.

هوڏانهن مقتول مير محمد چانڊيو جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس ڀاءُ جي قاتلن سان ٻٽ بڻيل آھي. هنن چيو ته جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، پوليس جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

جڏھن ته احتجاجي ڌرڻي ۾ پوليس پهچي وارثن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته اوهان جي ڀاءُ جا قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ اوهان سان انصاف ڪيو ويندو.