news
بدين

بدين: ايس ايس پي جي جوڙيل ڊپارٽمينٽ پروموشن ڪميٽي جو اجلاس، اڻيتاليهه سپاهين کي هيڊ ڪانسٽيبل طور ترقي جي سفارش

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) ايس ايس پي شبير احمد سيٺار پاران کاتي ۾ سپاهين جي ترقيءَ لاءِ ڊي ايس پي ماتلي خالد رستماڻي ڊي ايس پي ڪمپلين سيل محمد شريف کوسو، آفيس سپريڊنٽ غلام رسول لاشاري، شيٽ ڪلرڪ محمد زمان ميمڻ تي مشتمل جوڙيل ڊپارٽمينٽ پروموشن ڪميٽي جي اجلاس بعد ضلعي جي 4 عورت پوليس ڪانسٽيبل سميت 39 سپاهين کي ھيڊ ڪانسٽيبل طور ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

جڏهن ته ترقي ماڻيندڙ ۾ عورت ڪانسٽيبل رشيدان باگراڻي، شيبا لغاري، حسنه ڀرڳڙي، زيب النساءِ خاصخيلي، مرد سپاهي علي حسن بٽ، علي شير چانڊيو، گوردن ميگهواڙ، نور محمد منڌروهو تي نهڙيو ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي ايندڙ هفتي ۾ ايس ايس پي شبير احمد سيٺار هيڊ ڪانسٽيبل جون ڦيتون لڳائيندو.