news
بدين

بدين ۾ بيواهه عورت جو معصوم ٻارن سميت پوليس ۽ ٺيڪيدار خلاف احتجاج

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) وارڊ 4 جي رهواسڻ بيواهه عورت مسمات پروين ملاح پنهنجي معصوم پٽ ۽ ڌيءَ سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته منهنجو مڙس ميوسپل ڪميٽي ۾ ملازم هو جيڪو فوت ٿي ويو، سندس پينشن مان ملندڙ پيسن مان گھر ٺهرائڻ لاءِ شهر جي ٺيڪيدار عبدالستار نهڙيو سان ايگريمنٽ تحت کيس 5 لک 10 هزار ڏنا پر هو گھر مڪمل ڪرڻ بدران ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آهي، جنهن لاءِ هُن کي ڪيترائي ڀيرا چيم پر گهر جو ڪم مڪمل ڪرڻ بدران هو ماٺ رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، سندس اهڙي عمل خلاف پوليس کي درخواست ڏني پر پوليس مون سان انصاف ڪرڻ بدران سندس ونگار وهي رهي آهي.

هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گھُر ڪئي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي.