news
ڏوڪري

ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ صوبدار سرگاڻي جو واسي نينگر بيٺل پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ صوبدار سرگاڻي جو رهواسي 5 سالن جو معصوم ٻارڙو ايان علي پٽ نور احمد سرگاڻي جي گهر ٻاھران بيٺل پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آھي.

هوڏانهن وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته معصوم ٻارڙو راند کيڏي رهيو هيو ته ڀرسان بيٺل پاڻي هيو، جتي پير ترڪڻ سبب واقعو پيش آيو آھي.

هوڏانهن معصوم ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.