news
لاھور

ڪورونا وائرس جي ڪيسز ۾ واڌ، پنجاب جا سمورا اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: (جمعو 03 سيپٽمبر 2021ع)  ڪورونا وائرس جي ڪيسز ۾ واڌ سبب پنجاب ۾  سمورا اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي خراب صورتحال سبب صوبي جا سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول 6 ڏينهن جي لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان پنجاب جي تعليم واري صوبائي وزير ڊاڪٽر مراد راس موجب سمورا اسڪول 6 سيپٽمبر کان 11 سيپٽمبر تائين بند رهندا.

تعليم واري صوبائي وزير ڊاڪٽر مراد راس چيو آهي ته اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪورونا وائرس جي صورتحال کي ڏسندي ڪيو ويو آهي ان ڪري گهر ۾  محفوظ رهو، پنهنجي ۽ گهر ڀاتين جي حفاظت ڪريو.