news
ڪابل

افغانستان جي نئين انتظاميه جو اعلان هڪ هفتي تائين ملتوي

ڪابل: (جمعو 03 سيپٽمبر 2021ع) افغانستان ۾ نئين حڪومت ٺاهڻ وارو اعلان اڄ ٿيڻ جو امڪان هو پر هاڻ  اهي رپورٽون آهن ته نئين افغان انتظاميه جو اعلان هڪ هفتي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

15 آگسٽ 2021 تي طالبان افغانستان جي گادي واري شهر  ڪابل ۾ داخل ٿيا جنهن کان پوءِ صدر اشرف غني ملڪ مان فرار ٿي ويو جنهن سبب افغان حڪومت غير فعال ٿي وئي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب افغانستان جي نئين انتظاميه جو اعلان اڄ جمعي جي نماز کان پوءِ ٿيڻ جو امڪان هو پر هاڻ طالبان جي ترجمان چيو آهي ته نئين انتظاميه جو اعلان هڪ هفتي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ رپورٽون هيون ته نئين حڪومت جي جوڙجڪ جي لاءِ طالبان جمعي جي نماز کان پوءِ ڪابل ۾ اهم اجلاس طلب ڪري رکيو آهي. ذريعن جي دعويٰ هئي ته ملا بيت الله کي طالبان حڪومت جو سپريم ليڊر جڏهن ته ملا عبدالغني برادر کي حڪومت جو سربراهه بنائڻ جو امڪان آهي.

ذريعن اهو به ٻڌايو هو ته قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد عباس استانڪزئي کي افغانستان جو پرڏيهي وزير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ملا ضعيف کي پاڪستان ۾ ٻيهر سفير مقرر ڪري سگهجي ٿو.

ذريعن موجب طالبان جو ترجمان ذبيح الله مجاهد ۽ سراج الدين حقاني کي به ڪابينه ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه طالبان جي حڪومت ۾ عبدالله عبدالله، حامد ڪرزئي، گلبدين حڪمت يار سميت ٻين افغان اڳواڻن کي به شامل ڪري سگهجي ٿو.