مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪمپيوٽرائزڊ داخلا ٽيسٽ مرحليوار ڇنڇر چار سيٽمبر کان ٿي رهي آهي

news

ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو  ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس جي 2150 سيٽن لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪمپيوٽرائزڊ داخلا ٽيسٽ مرحليوار ڇنڇر چار سيٽمبر 2021 کان ٿي رهي آهي.

مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ۽ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين داخلا ٽيسٽ وٺندڙ ڪاميٽي (پيٽڪو) جي ٽيم سان گڏجي داخلا ٽيسٽ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني.

ياد رهي ته روزاني ٻن شفٽن ۾ تقريبن 800 اميدوارن کان داخلا ٽيسٽ ورتي ويندي. جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي پاران شاگردن کي ڪووڊ _ 19 کان بچاءُ ۽ پاڻ سان گڏ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ سميت پي سي آر ٽيسٽ ضرور آڻڻ جون هدايتون اڳواٽ ئي جاري ٿيل آهن، جن تي سختي سان عمل ڪيو ويندو.