news
ڄامشورو

ڄامشورو شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف فنڪشنل ليگ جو احتجاج

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف فنڪشنل ليگ ضلعي ڄامشورو جي سڏ تي سوين شهرين پاران بابري مسجد کان ڄامشورو ڊسٽرڪ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ۽ ايس ايڇ او آدم ابڙو خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي اڳواڻ فقير حق نواز برهماڻي، ميان خان بليدي، مرتضيٰ نائچ، صدام جتوئي ۽ ٻين خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او آدم ابڙو جي ڄامشورو ۾ مقرري بعد شهر توڙي ڀرپاسي ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس سرپرستي هيٺ منشيات جي وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب رهواسين جو جيئڻ جنجال ۽ نوجوانن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. 

هنن چيو ته پوليس ڏوهارين توڙي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران سندن ساٿاري بڻيل آهي.

هنن مطالبو ڪيو آھي ته ايس ايڇ او آدم ابڙو کي ھٽائي سندس جي جاءِ تي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن ٻيهر ڄامشورو ۾ امن امان بحال ٿي سگهي. ٻي صورت ۾ احتجاج تحريڪ جاري رهندي.