news
ڄامشورو

ڄامشورو لڳ ڳوٺ پناهه کوسو جو واسي پورهيت سان بااثرن ۽ پوليس جون ناجائزيون، احتجاج، تحفظ جي اپيل

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو جي ديھ موڙو جبل جي ڳوٺ پناهه کوسو جو رهواسي پورهيت ڄام کوسو ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته تر جي بااثرن گلبهار کوسو ۽ ان جي ڀاءُ ذوالفقار کوسو بلاجواز مون سان ناجائزيون ڪري منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن ڪيترائي ڀيرا ڏينهن ڏٺي جو منهنجي گهر تي هلا ڪري گهر ۾ بيٺل جانور ڪاهي ويا آهن ۽ فارنگ ڪري هڪ ڍڳي پڻ ماري ويا آهن، گهر اڳيان بيٺل قيمتي وڻن کي باهه ڏئڻ بعد گهر اڳيان ٺاهيل پاڻي واري تلاءُ ۾ گند ڪچرو اڇلائي ان کي پڻ خراب ڪيو ويو آهي، جنهن سبب معصوم ٻارڙن سميت پيئڻ جي پاڻي جي ڍڪ لاءِ به پريشان آهيون.

هن چيو ته اهڙين ناجائزين خلاف ڄامشورو ٿاڻي تي پهچي پڻ دانهيو آهي پر ايس ايڇ او ڄامشورو آدم ابڙو مون مسڪين جي دانھ ورنائڻ بجاءِ ڄاڻايل بااثرن جي ونگار وهندي ويتر مون مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي.

متاثر پورهيت ڄام کوسو ايس ايس پي ڄامشورو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته بااثر گلبهار کوسو ۽ ذوالفقار کوسو مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ ڏنو وڃي ۽ مون مٿان داخل ڪيل ڪوڙي آيف آءِ آر ختم ڪئي وڃي.