news
ڄامشورو

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي اڳوڻي صدر مرحوم محمد عثمان ٻٽ جي چوئيٽاليهه هين سالگرهه تقريب

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو جي هر دل عزيز شخصيت ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي آفيسرس ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر مرحوم محمد عثمان ٻٽ جي 44 هين سالگرهه ملهائي وئي.

جڏهن ته مرحوم جي دوستن ۽ سندس خاندان طرفان گڏيل طور تي سنڌ يونيورسٽي جي ٽيچرس ڪلب ۾ رٿيل سالگرهه تقريب جي صدارت سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ ماحولياتي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو ڪئي.

سالگرہ تقريب کي پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو چيو ته محمد عثمان ٻٽ کلمک نوجوان هو، جيڪو ڪڙم قبيلي سان گڏ دوستن سوڌو هر مڪتب فڪر جي ماڻهن ۾ هڪ جيترو مقبول هو، انتهائي ڏک آهي جو هو ننڍي عمر ۾ ڪورونا وائرس جي ور چڙهي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، جنهن جي ڪمهلي موت سندس گهر ڀاتين سوڌو سمورا ساٿي ڏکارا آهيون.

هن چيو ته اسان سنڌي آهيون، جديد دور ۾ حقيقتن تي ڀروسو ڪرڻ بجاءِ توڪلن تي هلي رهيا آهيون، اسان توڪلي بڻجي پنهنجيون جانيون ضايع ڪري رهيا آهيون، جنهن جو مثال اسان جي هر دل عزيز دوست محمد عثمان ٻٽ جو آهي، جنهن توڪل تي پنهنجي زندگي گنوائي ڇڏي.

سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرس ايسوسيئيشن جي صدر انجنيئر سيد سجاد علي شاهه ڳالهائيندي چيو ته محمد عثمان ٻٽ سماج جو محترڪ ڪردار هو، گهٽيل ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ نه وسارڻ وارا ۽ تاريخي ڪم ڪيا.

سنڌ يونيورسٽي آفيسرس ايسوسيئيشن جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري غلام نبي ڪاڪا ڳالهائيندي چيو ته محمد عثمان ٻٽ پنهنجي خاندان جي روايت کي برقرار رکندي علم ونڊيو، غريب ماڻهن جي مالي مدد ڪئي.

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي آفيسرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻن عبدالرحيم شيخ ۽ مشتاق سولنگي، آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي مرڪزي چيئرمين محمد علي گهانگهرو ڳالهائيندي چيو ته محمد عثمان ٻٽ هڪ سٺو ايدمنسٽريٽر ۽ منتظم هو، جنهن پنهنجي منصب سان خوب نڀايو.

مرحوم محمد عثمان ٻٽ جي ڀائرن سنڌ يونيورسٽي جي آفيسر نديم ٻٽ، ناليواري ليکڪ ڪليم ٻٽ ڳالهائيندي چيو ته ادا محمد عثمان ٻٽ اسان جو وڏو ۽ ڇپر ڇانورو بڻجي رهيو ۽ هن بابا جي ٻانهن ٻيلي بڻجي ڀائرن، ڀينرن ۽ گھروارن جون ذميواريون بهتر نموني سان ادا ڪيون، سندس وڇوڙو گهاءُ برابر سمجهون ٿا.

جڏهن ته سافٽ ويئر ماهر علي حسن ملاح، شهيد الله بخش سومرو، يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائين اينڊ هيريٽيج ڄامشورو جي پبلڪ رليشنز آفيسر لطيف گاد، سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي جي سيڪريٽري محمد يوسف جويو، زاهد ڌاريجو، محسن جويو، صدرالدين جوڻيجو، سيوا اڳواڻ احمد علي ڪنڀر ۽ ٻين پنهنجا ويچارونديندي چيو ته محمد عثمان ٻٽ پنهنجي نالي ۽ ڪردار ۽ شاهوڪار قسم جو ماڻهو هو، غريب جي خدمت ڪرڻ سندس نس نس ۾ شامل هئي، هن علم ۽ ادب ۾ سٺي ناماچاري حاصل ڪئي.

تقريب ۾ ثاقب بلوچ، حاڪم چانڊيو، مجتبي ڀٽو، عرفان برفت، سهيل جويو، حيات ميراڻي، عرفان برفت، محمد عثمان ٻٽ جي پٽ دانش عثمان ٻٽ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.