طالبان هڪ دفعو ٻيهر پنجشير تي مڪمل ڪنٽرول جي دعويٰ ڪري ڇڏي، مزاحمتي اتحاد پاران ترديد

news

ڪابل: (سومر 06 سيپٽمبر 2021ع) طالبان هڪ دفعو ٻيهر افغانستان جي آخري صوبي پنجشير جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته قومي مزاحمتي محاذ افغانستان(اين آر اي ايف) به هڪ دفعو ٻيهر ان دعويٰ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پنجشير ۾ ڳالهين سان معاملا حل ٿي وڃن پر افسوس آهي ته  ائين نه ٿيو، ڪافي مزاحمت کان پوءِ دشمن جي آخري ٺڪاڻي تي به قبضو ڪري ورتو آهي. اين آر اي ايف جا ڪيترائي ڪمانڊرز ۽ ويڙهاڪ چڪرين ۾ مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي فرار ٿي ويا. ان حوالي سان ذبيح الله مجاهد چيو ته پنجشير وادي جا رهواسي اسان جا ڀائر آهن ڪنهن جي خلاف ڪابه انتقامي ڪارروائي نه ڪئي ويندي. سڀني سان ملي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته جهڙي طرح افغانستان جي ٻين حصن ۾ امن آهي ۽  معاملا بهتر طريقي سان هلي رهيا آهن ائين ئي پنجشير ۾ به ٿيندو. عوام پريشاني نه ٿئي سڀني جي لاءِ عام معافي آهي. قومي مزاحمتي محاذ افغانستان طرفان طالبان جي وادي پنجشير تي مڪمل ڪنٽرول جي دعويٰ جي ترديد ڪندي چيو ويو آهي ته مزاحمتي فورس جنگ جاري رکڻ جي لاءِ وادي جي سمورن اسٽريٽجڪ پوزيشن تي موجود آهي.

اين آر اي ايف چيو آهي ته انصاف ۽ آزادي جي لاءِ طالبان ۽ ان جي ڀائيوارن جي خلاف جدوجهد جاري رهندي. مزاحمتي ترجمان اتحاد علي ميثم نظاري  پنهنجي هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته اسان جا ٻيا اڳواڻ احمد مسعود سميت محفوظ آهن هو عوام جي لاءِ جلد پيغام جاري ڪندا.