معيشت جي مضبوطي کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: شهباز شريف

news

لاهور: (سومر 06 سيپٽمبر 2021ع) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته معيشت کي مضبوط ڪرڻ کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. 

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف يوم دفاع جي موقعي تي 6 سيپٽمبر تي شهيد ٿي ويل غازين کي سلام پيش ڪندي چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي رب پاڪ اسان کي دشمن مٿان فتح عطا فرمائي ۽ اڄ قوم ۽ هٿياربند فوج جي اتحاد سان تاريخي فتح جو پرمسرت ڏينهن آهي. هن چيو ته موٽر وي اڄ ملڪ جي دفاع لاءِ عظيم مقصد جي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن رب پاڪ موقعو ڏنو ته هٿياربند فوج  کي وڌيڪ طاقتور بنائينداسين.

شهباز شريف چيو ته نوازشريف قوم کي ايٽمي طاقت بنايو پر هاڻ اسان کي معاشي ميدان ۾ پاڪستان کي مضبوط بنائڻو پوندو ۽ ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ کان سواءِ ترقي ممڪن نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اسان کي گڏ ٿي چيلنجن کي منهن ڏيڻو پوندو. اڄ ملڪ ۾ عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اسان کي ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ جو وڃايل مقام واپس آڻڻو پوندو. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته مهانگائي جي طوفان کي نه سنڀاليو ويو ته  اهو حڪومت کي به ٻوڙي ڇڏيندو. افغانستان بابت ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ امن هوندو ته پاڪستان ۽ سموري خطي ۾ امن هوندو.