قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ هيڊ ڪوچ وقار يونس استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

news

لاهور: (سومر 06 سيپٽمبر 2021ع) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ  ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر رميز راجه پاران پي سي بي چيئرمين جو عهدو باقاعده سنڀالڻ کان اڳ ئي وڏيون تبديليون سامهون آيون آهن ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ اڳوڻي فاسٽ بالر وقار يونس ڪوچنگ جي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. مصباح الحق ۽ وقار يونس کي سيپٽمبر 2019 ۾ عهدا ڏنا ويا هئا. مصباح الحق کي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر بنايو ويو هو پر هن آڪٽوبر 2020 ۾ چيف سليڪٽر جو عهدو ڇڏي ڏنو هو. پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ تي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مصباح الحق جو چوڻ هو ته جميڪا ۾  قرنطينه جي دوران 24 مهينن جو جائزو ورتو پر اهو مناسب وقت نه هو.

قومي بالنگ ڪوچ وقار يونس چيو ته مصباح الحق فيصلو ٻڌايو ته مان به ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. نوجوان بالرن سان گڏ ڪم ڪرڻ تي تمام گهڻو مطمئن آهيان ٻئي طرف مصباح الحق ۽ وقار يونس جي اوچتو عهدو ڇڏڻ کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان عهدن تي اڳوڻن ٽيسٽ رانديگرن ثقلين مشتاق ۽ اڳوڻي مشهور آل رائونڊر عبدالرزاق کي عارضي طور تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. چيف ايگزيڪٽو پي سي بي وسيم خان چيو ته پي سي بي مصباح الحق جي فيصلي جي قدر ڪري ٿو. وقار يونس جرئتمنداڻو فيصلو ڪيو آهي.