ڄامشورو ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي جي معاملي تان ڪارن جي شوروم تي حملو، مالڪ جو احتجاج

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو ۾ سم نالي ڀرسان حيدرآباد ڄامشورو روڊ تي قائم المڪه موٽرس شوروم تي 15 کان وڌيڪ هٿياربندن پيسن جي ڏيتي ليتي جي معاملي تان حملو ڪندي شوروم تي ڪم ڪندڙ ملازم امجد خاصخيلي کي مارڪٽ ڪرڻ بعد شوروم کان ٻاهر ڪڍي شوروم کي تالا هڻي فرار ٿي ويا.

جڏهن ته اهڙي حملي کانپوءِ سينڊزو روڊ جو رهواسي شوروم مالڪ سڪندر علي چانڊيو (قمبراڻي) ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجو ويڳو سهرو منور عباسي جيڪو لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ جو سرڪاري وڪيل آهي، ان گهرواڻبت تان پنهنجي ونڱاري دوستن ممتاز مشوري ۽ حاڪم مشوري کي اڳيان ڪندي انتقامي ڪارروائي ڪرڻ بعد 90 هزار روپين جي ڏيتي ليتي جو بهانو ڄاڻائي منهنجي سينڊوز روڊ تي قائم 3 جڳهن تي قبضو ڪيو آهي ۽ پنهنجي ساڳين ئي ونگاري دوستن جي مدد سان گذريل ڏينهن 15 کان وڌيڪ هٿياربند منهنجي شوروم تي موڪلي منهنجي غير موجودگي ۾ حملي ڪري منهنجي هڪ ملازم امجد خاصخيلي کي گارگند ۽ مارڪٽ ڪري کانپوءِ شوروم ۾ پيل ڪجھ ضروري دستاويز ۽ گاڏين جا ڪاغذ ڦاڙي شوروم کي پنهنجي تالا هڻي ۽ موت مار ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا.

هن وڌيڪ چيو ته مان ۽ منهنجي گهرواري، 2 ٻارڙا سليم ۽ اسريٰ پنهنجي گهر ۾ خوش آهيون پر منهنجو ويڳو سهرو سرڪاري وڪيل منور عباسي مون تي ڪوڙا الزام هڻي مون کي منهنجي ملڪيت مان بيدخل ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ونڱاري دوستن معارفت مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي ٿو، تنهن ڪري جيڪڏهن مون کي ڪوبه جاني نقصان ٿيو ته ان جا ذميوار منهنجو ويڳو سهرو وڪيل منور عباسي ۽ ان جا ونڱاري دوست ممتاز مشوري ۽ حاڪم مشوري هوندا.

هن ڊي آءِ جي حيدر آباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي ته حملو ڪندڙ جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مون کي تحفظ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ مان ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.