چيئرمين پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪاميٽي جو اجلاس، ضلعي گهوٽڪي جي عوام لاءِ ترقياتي ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميمبر قومي اسيمبلي، چيئرمين پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪاميٽي مير خالد احمد خان لنڊ جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪاميٽي جي اهم گڏجاڻي منعقد ٿي گذري، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي پيش نظر احتياطي تبديرن طور آئسوليشن ۾ هجڻ سبب ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر آن لائين شرڪت ڪئي.

جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدالله ۽ ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي انتطامي عملدارن سميت اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ماٿيلو پڻ شريڪ هو.

ان موقعي تي ميمبر قومي اسيمبلي مير خالد احمد خان لنڊ خطاب ڪندي چيو ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني پاران جاري ڪيل فنڊ تحت جلد از جلد ترقياتي ڪم شروع ڪرايا وڃن ته جيئن هتان جي ماڻهن کي لاڀ حاصل ٿي سگهي. هن چيو ته ضلعي گهوٽڪي جا اڪثر روڊ تباهه ٿيل آهن، انڪري سنڌ حڪومت جي پاليسي موجب تباهه ٿيل روڊن تي تعمير جي حوالي سان غور ڪيو ويندو. جڏهن ته عوام کي صحت، تعليم ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم اولين ترجيح هوندي.

گڏجاڻي دوران ميمبر قومي اسيمبلي سردار محمد بخش خان مهر آن لائين گفتگو ڪندي چيو ته ضلعي جي عوام جا بنيادي مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي، خاص طور تي صحت ۽ تعليم واري شعبي ۾ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ملي سگهي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمنشنر محمد عثمان عبدالله خطاب ڪندي چيو ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني پاران جاري ڪيل فنڊ تحت ضلعي جي اسپتالن کي اپگريڊ ڪرڻ ۽ هر هڪ ديهه ۾ آر او پلانٽ لڳائڻ سميت ضلعي جي ذهين ۽ مستحق شاگردن کي مستقل بنيادن تي اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ جون تجويزون غور هيٺ آهن، جڏهن ته ترقياتي ڪمن بابت عوام کان درخواستون پڻ وصول ڪيون وينديون. جن تي فيصلو ڪرڻ ڪاميٽي جو اختيار هوندو. ان کان اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ماٿيلو شهريار قمر ضلعي جي اسپتالن کي اپگريڊ ڪرڻ، اسڪولن جي حالت ۽ ڊرينيج نظام بهتر بنائڻ سميت ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ بابت ڪاميٽي کي بريفنگ ڏني.

ان موقعي تي ڪاميٽي پاران اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته 10 ڏينهن بعد ٻيهر گڏجاڻي منعقد ڪري ترقياتي ڪم شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ حتمي فيصلا ڪيا ويندا.