news
نٸون ديرو

جمعيت علماءِ اسلام فضل (ف) پاران نئون ديرو ۾ تربيتي ڪنوينشن ڪوٺايو ويو

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) جمعيت علماءِ اسلام فضل (ف) پاران نئون ديرو ۾ تربيتي ڪنوينشن ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ شهر جي سياسي سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن سميت جماعت جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تربيتي ڪنوينشن جي خاص مهمان جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو، محبت علي کهڙو، محفوط رحمان سومرو، حافظ مشتاق احمد ڪوريجو، حافظ جميل جروار، خالد حسين ڪوريجو، عبدالقدوس پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

جڏهن ته تقريب ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن غلام حيدر ناريجو، جاويد ڀٽو، مشتاق ڪنڀر، سليم چنه، صاحب خان شيخ،  ۽ ٻين پڻ خصوصي طور شرڪت ڪئي.

جڏهن ته مولانا راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته اسلامي انقلاب جو مطلب هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ آهي، جيڪڏهن ڪو غريب چوري ڪري ته ان جو هٿ وڍيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو چور چوري ڪري اقتدار ۾ اچي ايوان صدر ۾ ويهي رهي ته ان کي مٿي تي نه ويهاريو، ان جو به هٿ انهيءَ طريقي سان هٿ وڍيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو قوم جو غدار آهي.

اسلامي نظام بابت اوهان کي غلط رخ پيش ڪيو ويو آهي ته ملان ايندا ته اوهانکي زبردستي ڏاڙهيون رکرائي، پٽڪا پارائي ۽ ڦٽڪا هڻي دين نافظ ڪرائيندا. اسلامي نظام اهو آهي ته درياءَ جي ڪناري تي ڪو ڪتو به بک تي مري ته به اسلامي حڪومت جو سربراهه ذميوار هوندو آهي. اڄ حالت اها آهي ته سڳي ماءُ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو پٽ رائيس ڪئنال ۾ لوڙهيو، ڪراچيءَ ۾ سڳي ماءُ ٽن ٻارن کي زهر ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. ماءُ جي ممتا اٿي ته مان پنهنجا ٻچا بک تي ڏسي نٿي سگهان. ان ڪري ان بک کان ڀلو آهي ته منهنجا ٻچا مئل هجن. اڄ حالت اها آهي سنڌ جي.

هن چيو ته مون کي منشين جا منشي ٻڌائين ته زرداري ڪهڙي وقت سمهندو ۽ اٿندو آهي، مان ٿو ٻڌايان ته سمهندو صبح جو ستين بجه آ ۽ اٿندو 4 بجه آ، هن جي آفيس ان وقت کلندي آهي. جڏهن سنڌ حڪومت جون آفيسون بند ٿي وينديون آهن. منهنجو زرداريءَ سان ڪوئي ذاتي يا ملڪيت جو جهيڙو ناهي. زرداريءَ سان جهيڙو آ ته سنڌ جو آ سنڌ جي حقن جو آ، غريبن، مسڪينن، هارين ۽ مزدورن جي حقن جو آ، مان سمجهان ٿو ته زرداري سنڌ کي لٽي رهيو آهي. زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پروگرام تي ناهي زرداري فقط سنڌ کي لٽڻ جي پروگرام تي آهي ۽ جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهه آ مان سٻاجهڙي سنڌ تي ڪنهن کي ڌاڙا هڻڻ نه ڏيندس. مان ايم اين اي، ايم پي اي يا وزير اعليٰ ٿيڻ لاءِ سر اڏيءَ تي رکي ناهيان بيٺو. مان بيٺو هان ته غريب عوام جي حقن لاءِ بيٺو آهيان ۽ جيستائين سسيءَ ۾ ساهه آهي دين ۽ ڌرتيءَ جي چوڪيداري ڪندو رهندس. سنڌ ۾ روزانو هڪ ارب روپئي جي ڪرپشن ٿي رهي آهي. آصف علي زرداريءَ جو سنڌ حڪومت 53 کاتن کي ٽارگيٽ ڏنل آهي ته روزانو هڪ ارب ڪرپشن ڪري دفتر ۾ پهچايو.

هن چيو ته جيستائين توهان نوڪري، ٽرانسفارمر، موٽرسائيڪل، ناليءَ جي ڪراس تي ووٽ ڏيندئو ته سنڌ ڪڏهن به ترقي نه ڪندي. توهان کان ووٽ وٺندڙ چاهي پوءِ ان جي بدلي سنڌ جون زمينون ۽ جزيرهه ۽ وسيلا کپائين توهان انهن کي ڪجهه نه ڪري سگهندو. توهانکي انهن ذاتي مفادن کان ٻاهر نڪري فيصلو ڪرڻو پوندو ته ووٽ ڌرتيءَ جي غدارن کي ناهي ڏيڻو ووٽ ڌرتيءَ جي وفادارن کي ڏيڻو آهي. سنڌ حڪومت سنڌ جي سرڪاري زمين ملڪ رياض کي هڪ روپئي ۾ هڪ اسڪوائر فوٽ وڪرو ڪئي ۽ ملڪ رياض وري ساڳئي زمين 10 هزار روپين ۾ هڪ اسڪوائر فوٽ وڪرو ڪري رهيو آهي.

هن بلاول ڀٽو زرداريءَ کي مخاطب ٿيندي چيو ته تون ڪهڙي منهن سان محترمه بينظير ڀٽو جي خون جو ڪيس وڙهڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين. ڇا تون هڪ ڀيرو به شهيد امڙ جي خون جو ڪيس وڙهڻ لاءِ عدالت ويو آهين؟

صدر پاڪستان، وزير اعظم ۽ چئني صوبن ۾ حڪومت هجڻ جي باوجود جيڪو پنهنجي ماءُ جي خون سان انصاف ڪري نه سگهيو ته اهو ڳڙهي خدابخش ۽ نئون ديرو جي ماڻهن سان ڪهڙو انصاف ڪندو. گهوٽڪي، بدين، ٽنڊو محمد خان رڳو 3 ضلعن مان جيڪو تيل ۽ گئس نڪري ٿو اهو سڄي پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي گهرجن کي پورو ڪري رهيو آهي ۽ انهن ٽن ضلعن جا هڪ سال جا پئسا 10 _ 10 ارب روپيه آهن پر انهن ٽنهي ضلعن جا روڊ رستا موهن جي دڙي جو منظر پيش ڪن ٿا. سنڌ ۾ 60 لک ٻار تعليم کان محروم آهن.

اڄ غريب جي پٽ کي لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نٿي ڏني وڃي. زرداريءَ جي ڌيءَ جي ٻلي بيمار ٿي جيڪا لاهور کان ڪراچيءَ هيليڪاپٽر تي کڻائي پهچايو ويو ۽ غريبن جا لاش کڻائڻ لاءِ ايمبولينس ناهي. سنڌ جا وسيلا، ٻيٽ ۽ زمينون ڀڳڙن مٺ عيوض وڪرو ڪيون ويون. جنهن ماڻهو الله تعاليٰ جي شان ۾ گستاخي ڪئي، ان جو سبق سنڌي لٽريچر ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ امڙن، ڀينرن ۽ مائرن جون عزتون محفوظ ناهن. اڄ سنڌ سياسي يتيم خانو بڻجي چڪي آهي، هر ايرو غيرو نٿو کيرو سنڌ ۾ آ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي وارا ڏنڊو کنيون بيٺا آهن ۽ سنڌ جا حڪمران اقتدار کي وڌائڻ لاءِ افغاني پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪري رهيا آهن ۽ جيتري تيزي سان غير ملڪي هتي آباد ڪيا پيا وڃن ته ايندڙ 5 سالن بعد اسان سنڌي اقليتين ۾ تبديل ٿي وينداسين. سنڌ ڌارين جو ٺيڪو ناهي کنيو، سنڌ سياسي پناهگيرين لاءِ آماجگاهه ناهي. سنڌ سنڌين جي آهي ۽ هميشه رهندي سنڌ تي ڪنهن کي قبضي ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

ايم پي اي معظم عباسي خطاب ڪندي چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پيپلزپارٽي کي عوامي پارٽي ڪري هلايو ۽ عوام جي خدمت ڪئي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت کي 14 هون سال هلي رهيو آهي ته سنڌ جي هر شهر جي تباهي ٿي آهي. هاڻي هتي منشين جا منشي سياست هلائي رهيا آهن. امن امان جي حالت تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي چور ٻڌجن ٿا ته انهن کي ڇڏايو وڃي ٿو ۽ غريب لاڪپ اندر بند آهن. هاڻي چور ٿاڻن تي چڱا مڙس لڳا ويٺا آهن. سڄي ضلعي جي عوام کي چورن جي حوالي ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ايتري وڌي وئي آهي جو ماڻهن جون زمينون سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهيون آهن. آبپاشي کاتي جون آفيسون آفيسر نه پر ٺيڪيدار ٿا هلائين. تعليم، صحت سميت ٻيا مختلف کاتن ۾ به ٺيڪيداري سسٽم هلي رهيو آهي. هر ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪم نيڪ نيتي سان ڪندو ته اهو ڏينهن پري ناهي ته لاڙڪاڻي ضلعي جي حق حاڪميت عوام جي هٿن ۾ هوندو.

ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪنوينر ڪامريڊ حسين بخش ناريجو چيو ته هي ملڪ، ان جي سياست ۽ طاقتور ماڻهن جو جيڪو غير جمهوري وقت آهي ان ۾ هن ملڪ جي عوام کي نه روٽي، نه ڪپڙو ۽ نه مڪان مليو آهي ۽ اڃان اسان جي ٻاڪار جاري آهي. هتي نه امن امان آهي ۽ نه جمهوريت آهي ۽ نه ڪو اصول آهي جنهن کي اشارو ٿو ملي سڀ ماڻهو اتي گڏ ٿين ٿا. هتي نظريا مشڪل ۾ آهن. اسان کي مشڪل حالتن ۾ گڏجي جدوجهد ڪرڻي آهي ۽ اسان سچ جا سلامي آهيون. هتي ڪوڙ ۽ سچ جي جنگ آهي ۽ پاڙي ۾ جيڪو انقلاب آيو آهي ان سان لڳي رهيو آهي ته هاڻي ايشيا حڪمراني ڪندو هڪ وڏو انقلاب ايندو. محبت علي کهڙو چيو ته سنڌ ۾ اهڙن سوداگرن جي حڪومت آهي جيڪي سنڌ جي تعليم صحت ثقافت معيشت جي سوداگرن حڪومت جنهن مان سنڌ جو عوام بيزار ٿي چڪو آهي.

ان موقعي تي ڪامريڊ حسين بخش ناريجو، ناصر محمود سومرو، غلام حيدر ناريجو، جاويد ڀٽو ۽ ٻين پڻ مخصتر خطاب ڪيا.

ان کان اڳ تقريب ۾ آيل مهمانن کي اجرڪ اوڍايا ويا.