news
نٸون ديرو

اسپيشل ايجوڪيشن جي ٽيچنگ توڙي نان ٽيچنگ ۽ لوئر اسٽاف جي برطرف ملازمن پاران احتجاجي ريلي

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) اسپيشل ايجوڪيشن جي ٽيچنگ توڙي نان ٽيچنگ ۽ لوئر اسٽاف جي برطرف ملازمن ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو شهيدن جي مزار تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

جنهن جي اڳواڻيءَ صدام لاشاري، اقبال کوسو، عبدالحق ڀنگوار، ثناءُ الله بکراڻي، عبدالقيوم چاچڙ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، شهيدن جي مزار ٻاهران گيٽ نمبر 12 تي احتجاج ڪندي ملازمن پنهنجي بحاليءَ لاءِ ڇتي نعريبازي ڪئي.

جڏهن ته دانهون ڪندي هنن جو چوڻ هو ته سال 2012ع ۾ اسان کي اسپيشل ايجوڪيشن کاتي ۾ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف طور ڀرتي ڪيو ويو، جنهن بعد 2015ع تائين مستقل آءِ ڊيز جي ذريعي پگهارون به جاري ڪيون ويون، جنوري 2016ع کانپوءِ اچانڪ بلا جواز آءِ ڊيز بند ڪري پگهارون بند ڪيون ويون، جنهن ڪري هن وقت تائين اسان جون پگهارون بند آهن. پگهارون بند هجڻ ڪري اسان جا خاندان توڙي ٻچڙا معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿي، بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن. اسان مسلسل 2016 کان وٺي هن وقت تائين احتجاج ڪندا پيا اچون پر اسان جي احتجاجن جو کاتي جي اعليٰ اختيارين توڙي چونڊيل نمائندن پاران ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو ويو، جنهن ڪري مجبور ٿي اهڙي دانهن کڻي شهيدن راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزارن تي آيا آهيون ته جيئن پ پ چيئرمين تائين اسان جي دانهن پهچي سگهي.

هنن چيو ته جيڪڏهن اڄ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو زندهه هجي ها ته سنڌ جا نوجوان بيروزگار نه هجن ها. پيپلزپارٽيءَ جو منشور اٽو، لٽو ۽ اجهو فراهم ڪرڻ آهي پر هتي الٽو پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ حڪومت اسان کي بيروزگار ڪري اٽو، لٽو ۽ اجهو کسيو آهي.

هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاق پاران برطرف ڪيل ملازمن لاءِ سختيءَ سان نوٽيس وٺي، آواز اٿاري ٿو ۽ انهن کي ڪيس وڙهڻ لاءِ وڪيل به ڏيڻ جون آڇون ڪري ٿو ته ڇا سنڌ جي ملازمن سان ٿيندڙ ڏاڍ ان کي نظر نٿو اچي ته سنڌ جي ملازمن سان به ناانصافي ۽ ناجائزي ٿيندي پئي اچي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته اسان 72 ملازمن کي نوڪرين تي بحال ڪري بند ڪيل پگهارون هڪدم جاري ڪري بند ڪيل آءِ ڊيز کي ٻيهر فعال بڻائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو کان ڪراچيءَ تائين ريلي ڪڍي سي ايم هائوس جو گهيراءُ ڪيو ويندو.