news
ڏوڪري

ڏوڪري ايئرپورٽ پوليس جي مختلف هنڌن تي ڇاپا، ڦر ٿيل ٻه موٽرسائيڪلون هٿ

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ايئرپورٽ پوليس جي ايس ايڇ او لياقت علي کجڙ جي نفري ساڻ ڪري ڪچي جي علائقي ۾ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ڪامياب ڪارروائي ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ ڦر ٿيل ٻه موٽرسائيڪلون يونين اسٽار ويھ ماڊل ۽ سي ڊي سترهن ماڊل هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو.

جڏهن ته ڦر ٿيل موٽرسائيڪل يونين اسٽار ويھ ماڊل مالڪ نديم جوڳي حوالي ڪئي ۽ سي ڊي سترهن ماڊل امجد لنڊ حوالي ڪئي، مالڪن پاران ڪامياب ڪارروائي ڪرڻ تي ايس ايڇ او لياقت علي کجڙ کي هار پاريا ويا.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ايئرپورٽ لياقت علي کجڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، انشاءِالله جلد ڦر ٿيل سموريون گاڏيون واپس ڪرائي مالڪن حوالي ڪيون وينديون.

هن وڌيڪ چيو ته ڏوهارين کي ميڊيا ذريعي ميسيج آهي ته ڏوهه ڇڏي عام شهرين واري زندگي گذارن نه ته ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو، شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ اسان پوليس جو فرض آهي.