news
ڄامشورو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي زولاجي شعبي پاران مڪڙن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي زولاجي شعبي پاران مڪڙن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو.

ان موقعي تي مختلف پوسٽرز جي نمائش پڻ ڪئي وئي، وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو پوسٽرز نمائش جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي زولاجي شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، پروفيسر ڊاڪٽر رفعت سلطانه، پروفيسر ڊاڪٽر طاھرهه جبين، پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري، پروفيسر ڊاڪٽر برڪت علي، منصور علي شاهه، پروفيسر سنجھوتا ٻائي، غلام نبي ڪاڪا ۽ ٻيا ڪيترائي ٽيچرز، آفيسرز ۽ شاگرد موجود ھئا. پوسٽر نمائش جي افتتاح کانپوءِ وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ڪلھوڙو نمائش گھمي ڏٺي ۽ مڪڙ جي مختلف قسمن بابت معلومات حاصل ڪئي.

ان موقعي تي وائيس چانسيلر زولاجي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گھلي ملي ويو ۽ کانئن پوسٽرز جي مقصد ۽ مڪڙن جي فائدي توڙي نقصان بابت پڇيو.

ان موقعي تي ڳالھائيندي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو چيو ته زولاجي شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران تحقيق ذريعي تيار ڪيل پوسٽر ڏسي کيس خوشي ٿي آھي. ھن چيو ته زولاجي جا شاگرد تخليقي ذھن جا آھن، جيڪي پنھنجن استادن جي رھنمائي ۾ بھترين ڪم ڪري رھيا آھن.

ان موقعي تي متحرڪ محقق ۽ وفاقي حڪومت پاران مڪڙن جي حوالي سان سنڌ لاءِ فوڪل پرسن ڊاڪٽر رفعت سلطانه وائيس چانسيلر کي بريفنگ ڏيندي مڪڙن جي عالمي ڏھاڙي جي اھميت جي حوالي آگاھ ڪيو ۽ چيو ته مڪڙن جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان لوڪسٽ فصلن، ٻوٽن ۽ وڻن لاءِ انتھائي خطرناڪ آھي، جيڪو گڏجي اڏامن ٿا ۽ ھڪ ڪلاڪ اندر فصلن جي ڀيل ڪري سگھن ٿا پر مڪڙن جو گراس ھوپر قسم نقصانڪار ناھي ۽ نه ئي مڪڙ جو اھو قسم  ھجرت ڪري ٿو بعد ۾ مڪڙن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان زولاجي شعبي پاران وڻڪاري پڻ ڪئي وئي.

وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ڪلھوڙو ٻوٽو پوکي مھم جي شروعات ڪئي. ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، غلام نبي ڪاڪا ۽ ٻين پڻ ٻوٽا پوکيا ۽ عالمي ڏھاڙي کي يادگار بڻايو.

واضح رھي ته مڪڙن جو عالمي ڏھاڙو سڄي دنيا ۾ سيپٽمبر مھيني جي ھر پھرين سومر تي ملھايو ويندو آھي.