news
ميرپورماٿيلو

ميرپور ماٿيلو: ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب ريفر سينٽر بڻجي وئي

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن جي ڪري ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ سبب کيس ريفر سينٽر بڻجي وئي آهي.

هوڏانهن وري ڊاڪٽر ته پنهنجي جاءِ تي پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته اسپتال ۾ صفائي وارو عملو به مقرر ناهي ٿي سگهيو، جنهن سبب صفائي جو نظام درهم برهم لڳو پيو آهي.

ان حوالي سان اسپتال جي اهم ذريعن موجب ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ دماغ، اکين، جوڙن، هڏن، دل سميت الٽرا سائونڊ جي ڊاڪٽر سميت 60 ڊاڪٽرن جون پوسٽون خالي پيل آهن، جنهن سبب هتان جي مريضن کي رحيم يار خان، سکر لاڙڪاڻو ريفر ڪيو ويندو آهي.

هوڏانهن وري ڊاڪٽرن جي کوٽ سان گڏوگڏ تقريبن 100 تائين هيٺين عملي جي کوٽ آهي.

هوڏانهن وري اسپتال ۾ سوئيپر به ناهي جنهن سبب صفائي جو نظام درهم برهم آهي.

ان حوالي سان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو جي ايم ايس ذوالفقار چنه رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊاڪٽرن توڙي هيٺين عملي جي کوٽ سبب ڊي جي هليٿ کي لکيو آهي پر ڪوبه ريسپانس نه ٿو ملي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان هڪ ڊاڪٽر کي ٽائيم تي اچڻ لاءِ پابند ڪيو ته هڪ علائقي جي بااثر فون ڪري مون کي ڌمڪايو. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڇا ڪيون مجبور آهيون، جيڪڏهن اسپتال اندر سهولتون مهيا نه ٿيون يا وري ڊاڪٽر مقرر نه ڪيا ويا ته مان هتان بدلي ڪرائي هليو ويندس.