اسڪولن اندر مفت ڪتاب نه ملڻ واريون خبرون بي بنياد آهن: حفيظ الله مهر

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتاب نه ملڻ واري شڪايتن بعد سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ حفيظ الله مهر چيو آهي ته اسڪولن اندر مفت ڪتاب نه ملڻ واريون خبرون بي بنياد آهن، ڪجهه عناصر اداري جي ساک خراب ڪرڻ لاءِ ڪوڙن ٽرينڊر ۽ ڪتابن جي کوٽ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ حفيظ الله مهر چيو ته سندن ادارو سٺي ساک رکندڙ ادارو آهي، جيڪو ڪتابن جي ڇپائي سيپرا جي قائدن ۽ قانون موجب ڪندو آهي، ڪتابن جي ڇپائي واري ٽرينڊر جي واڪ ۾ مختلف پبلشر حصو وٺندا آهن پر ادارو پنهنجي فائدي کي ڏسندي گهٽ رقم وٺندڙ پبلشر کان ڪتابن جي ڇپائي ڪرائيندو آهي. هن چيو ته سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ ڪتابن جي رسائي نه ٿيڻ واري خبر بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، ڪجهه ڌريون سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي ساک کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿيون، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ تعلقه ايجوڪيشن آفيسرن طرفان گهربل ڪتاب بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي سندن حوالي ڪندو آهي.

سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ حفيظ الله مهر وڌيڪ چيو ته چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پرويز احمد بلوچ حيدرآباد، نوابشاهه، عمرڪوٽ سميت مختلف ضلعن جو دورو ڪري مفت ڪتابن جي رسد جو جائزو ورتو پر ڪنهن به اسڪول مان ڪتاب نه ملڻ جي شڪايت موصول نه ٿي آهي.