news
شهدادپور

شھدادپور پوليس جي ڪارروائي، آئيس ۽ چرس هٿ

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور پوليس جي ايس ايڇ او طفيل احمد ڀٽو منشيات فروشن جي خلاف  آپريشن ڪندي درگاهه فتح محمد شاهه بخاري تي حميد اللہ ڪاڪڙ پٺاڻ جي خطرناڪ آئيس ۽ چرس جي ئين الصوبائي اڏي تي ڇاپو ھڻي ڊيلر حميداللہ ڪاڪڙ پٺاڻ کي گرفتار ڪري 3 ڪلو اعليٰ کوالڻي جو چرس ۽ آئيس برآمد ڪري ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او شھدادپور طفيل ڀٽو ٻڌايو ته خفيه اطلاع ملڻ تي ڇاپو ھڻي خطرناڪ آئيس ۽ ڇرس ھٿ ڪري جوابدار تي ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪيو ويو آھي.

جڏهن ته ايس ايس پي سانگھڙ فرخ لنجار جي ھدايتن تي منشيات فروشن ۽ ڏوھارين سان ڪابه رعايت نه ٿيندي.