news
ڄامشورو

ڄامشورو ۾ بحريا ٽائون سميت سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف ايس يو پي جو احتجاج

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) بحريا ٽائون سميت سنڌ ۾ ڌاريا آبادڪاري ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڄامشورو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي ڄامشورو پاران حافظ بخشل سهڙو، پير بخش سهارڻ، سرور برفت، ساگر جمن بڙدي، محمد بخش مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بابري مسجد کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن پريس ڪلب اڳيان خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا حق غذب ڪرڻ لاءِ سنڌ وڏي پئماني تي ڌاريا آبادڪاري جي رٿا رٿي وئي آهي، جنهن جو بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي جهڙا ميگا پروجيڪيٽ چٽو ثبوت آهن، هنن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ۽ سيد زين شاهه سميت سوين قومپرست اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.