پاڪستان، ايران، چين ۽ روس طالبان سان معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن:جوبائيڊن

news

واشنگٽن: (اربع 08 سيپٽمبر 2021ع) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته پاڪستان، ايران، چين ۽ روس ڪجهه معاملن تي افغان طالبان سان ڳالهيون ۽ معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

برطانوي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته چين، پاڪستان، ايران ۽ روس افغانستان ۾ طالبان جي اڳڀرائي جي معاملي تي اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هاڻ کين ڇا ڪرڻ گهرجي. جڏهن انهن کان پڇيو ويو ته ڇا کين لڳي ٿو ته چين طالبان کي فنڊنگ ڪندو. حالانڪه اهو گروپ آمريڪي پابندين جو شڪار آهي ته انهن جواب ڏنو ته چين کي طالبان سان حقيقي مسئلو آهي ان ڪري هو طالبان سان معاملا طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. مون کي يقين آهي ته ائين ئي پاڪستان، روس ۽ ايران به ڪندا هي سڀ هاڻ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هاڻ هو ڇا ڪن.

ان کان علاوه پرڏيهي وزارت جي ترجمان طالبان جي عبوري حڪومت جي اعلان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته طالبان کي سندن ڳالهين سان نه پر سندن قدمن سان ڏسنداسين. واضح رهي ته افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد گذريل ڏينهن چيو هو ته افغانستان جي ترقي جو مستقبل چين جي هٿن ۾ آهي. چين افغانستان ۾ ڳري سرمائيڪاري جي حامي ڀري هئي. اٽلي جي اخبار کي انٽرويو ۾ ذبيح الله مجاهد چيو ته چين افغانستان جو پاڙيسري  ۽ سڀني کان وڌيڪ اهم ڀائيوار سمجهيو ويندو آهي. نئون افغانستان پنهنجي معيشت جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ چين کان مدد وٺندو.