سعودي عرب پاران متحده عرب امارات سميت ٽن ملڪن مٿان سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان

news

رياض: (اربع 08 سيپٽمبر 2021ع) سعودي عرب متحده عرب امارات سميت ڏکڻ آفريقا ۽ ارجنٽائن مٿان سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

گهرو وزارت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو هو ته متحده عرب امارات، ڏکڻ آفريقا ۽ ارجنٽائن مٿان سفري پابنديون 8 آگسٽ اربع جي صبح ختم ڪيون وينديون. سفري پابنديون ختم ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن کي ان ملڪن کان ايئرپورٽس، ساموندي ۽ زميني سرحدن جي ذريعي اربع جي صبح 11 وڳي کان سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي. ان کان علاوه سعودي عرب ۾ رهندڙ ماڻهن کي به ان ملڪن ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي.

عرب ميڊيا موجب سفري پابنديون ختم ڪرڻ سبب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي خلاف قدمن ۾ نرمي ڪرڻ آهي ۽ هاڻ ريڊ لسٽ ۾ شامل ان 3 ملڪن مان به ويڪسين ٿيل ماڻهن کي سعودي عرب واپس اچڻ جي اجازت هوندي.

ياد رهي ته ڪورونا ڪيسز  ۾ واڌ سبب سعودي عرب 4 جولاءِ تي متحده عرب امارات مٿان سفري پابندي لڳائي هئي ۽ هاڻ 8 آگسٽ کان متحده عرب امارات سميت ڏکڻ آفريقا ۽ ارجنٽائن مٿان سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. واضح رهي ته سعودي عرب آگسٽ جي آخر ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ انڊونيشيا سميت 20 ملڪن مٿان سفري  پابنديون ختم ڪري ڇڏيون هيون.