ڪامريڊ مانڌل شر جي ڳوٺ کروھي ۾ اڄ پنجين ورسي ملھائي وئي

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ڪامريڊ مانڌل شر جي ڳوٺ کروھي ۾ اڄ پنجين ورسي ملھائي وئي.

ان موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو ھاري ۽ ننڍو آبادگار اڄ جن حالتن کي ڀوڳي رھيو آھي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سنڌ ھاري ڪاميٽي کي وڌيڪ سگھارو ڪرڻ جي ضرورت آھي. سرڪار م ويٺل وڏيرا ھڪ طرف پاڻي جي چوري ۽ زبردستي ڪري پنھنجي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ھارين ۽ ننڍن آبادگارن جون زمينون غير آباد ڪري رھيا آھن. بيٺل فصل سڪائي رھيا آھن. مرڪزي حڪومت ھجي يا سنڌ حڪومت ھجي عام ماڻھن جي فلاح ۽ بھبود بجاءِ عوام کان اڳڙيل ٽيڪسن ذريعي فنڊن جي خرد برد ۾ پورا آھن.

اھڙين حالتن ۾ ڪامريڊ مانڌل شر جھڙن بھادر اڳواڻن جھڙي جرئت واري جدوجھد جي ضرورت آھي. اھي ڳالھيون ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، سند ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر پروفيسر مير منور ٽالپور ۽ جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ڏامرومل، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي سابق مرڪزي صدر ڪامريڊ مانڌل شر  جي ياد ۾ منعقد جلسي کي خطاب ڪندي ڪيون.

جڏهن ته کروھي ضلعي گھوٽڪي ۾ منعقد جلسي ۾ آجياڻي تقرير ڪندي نويد مانڌل شر چيو ته ڪامريڊ مانڌل شر منھنجو ته والد ھو پر ھو بھادر جا کوڙي ۽ ھارين لاءِ پاڻ ارپيندڙ اڳواڻ ھو. اسان سڀني کي گھرجي ته ان ئي رستي تي ھلون ۽ سنڌ ھاري ڪاميٽي کي وڌيڪ منظم ڪريون.

جڏهن ته جلسي کي ڪامريڊ ستار گھوٽو، ڪامريڊ زرقا شر، ڪامريڊ ذواليخان شر، ڪامريڊ ڪٽو شر، ڪامريڊ جھانگير شر، ڪامريڊ سرور شر،  شعيب شر،  چاڪر شر، منٺار شر ۽ محسن شر پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ ھيٺيون قراردادون پڻ منظور ڪيون ويون، نرلي مائينر جي پڇڙي تاء پاڻي پھچائي ھارين کي معاشي نقصان کان بچايو وڃي ۽ سڄي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي. نقلي ٻج دواؤن، کاڌ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن، سندن ساٿارين ۽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،  ڦٽي جو اگھ 8000 مقرر ڪري تور ماپ ۾ بي ايماني ۽ ڪٽوتي ختم ڪئي وڃي.