ڏوڪري ڀرسان بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي شاگردن سان ناانصافيون خلاف شاگرد ۽ شاگردياڻين جو احتجاج

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان آريجا ڪئمپس شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي شاگردن سان ناانصافيون خلاف شاگرد ۽ شاگردياڻين اڳواڻ عنايت حسين، امان اللھ، اياز قاسم، آصف علي، اسداللھ، عبدالڪريم ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته ڪورونا سبب اڳ ئي تعليمي ادارن جي بند ھجڻ ڪري شاگردن جو گھڻو نقصان ٿيو آھي، جنھن ڪري ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن شاگردن جي مستقبل ۽ وقت بچائڻ لاءِ انھن کي پروموٽ ڪيو آھي پر بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي انتضاميه ادارو بند ڪري ننڊون ڪندي رھي آھي.

ھنن چيو ته بينظير ڪاليج آف نرسنگ چانڊڪا ڪيمپس آريجا جي امتحاني ڪنٽرول جتي ايم بي بي ايس، فارميسي ۽ بي ڊي ايس وارن کان سيمسٽر جا امتحان ورتا آھن، اتي نرسنگ جي شاگردن جا امتحان وٺڻ کان نابري واري آھي. جيڪو پڻ ظلم ۽ زيادتي آھي.

هنن وڌيڪ چيو ته ٽي سال گذرڻ باوجود اسان اڃان فرسٽ يئر ۾ آھيون، اسان جا ٻه سال زيان ڪيا ويا آھن، انھن جو ذميدار ڪير؟

نرسنگ جي ڪاليجن، لمس، جناح، ڊائو ۽ ٻين ڪاليجن آن لائن ۽ فزيڪل امتحان وٺي شاگردن جو وقت بچايو آھي ته پوءِ بينظير ڪاليج آف نرسنگ شاگردن سان ڇو ٿي ظلم ڪري؟

ڇا ڪوبه وس وارو نااھل انتظاميه کان پڇڻ وارو ناھي؟ اسان وي سي شھيد بينظير يونيورسٽي، امتحاني ڪنٽرولر، پرنسيپل بينظير ڪاليج آف نرسنگ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جا سمسٽر جا امتحان ڪرائي اسان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اسان ٽين ڏينھن 11 سيپٽمبر تي لاڙڪاڻو پريس ڪلپ تي سياسي، سماجي ۽ شاگرد تنظيمن سان گڏجي نااھل انتضاميه جي خلاف احتجاجي مظاھرو جو دائرو وڌائينداسين.