ميرپور ماٿيلو پوليس جي فحاشي جي اڏي تي ڪارروائي، هڪ مرد ۽ پنج عورتون گرفتار

news

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي هدايتن تي ميرپور ماٿيلو ٿاڻي جي پوليس اقبال پمپ ڀرسان فحاشي جي اڏي تي ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ شفيع محمد ميراڻي، وزير، مسمات شمائلا، مسمات ڪرن، مسمات سميرا ۽ مسمات مهڪ کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته گهر جو مالڪ احمد حسين رحماني پوليس کي ڏسندس ئي فرار ٿي ويو آهي.

هوڏانهن پوليس گرفتار ٿيلن ۽ گهر ڌڻي احمد حسين مٿان ڪرائيم نمبر 161/2021 دفعه 371A371B  ت پ جي تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.