خواندگي جي عالمي ڏينهن تي تعليم کاتي طرفان جاڳرتا ريلي

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) خواندگي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تعليم کاتي ۽ اين سي ايڇ ڊي طرفان ڊي او ايلمنٽري  سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري ممتاز حسين نوتڪاڻي، ڊپٽي ڊي او صالح ڪوريجو، ڊي او لٽريسي سيد عمران شاهه، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ايلمنٽري سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري الهورايو منڌرو اين سي ايڇ ڊي جي احسان زنئور، اشفاق ميمڻ ۽ محمد خان سمون جي اڳواڻي ۾ سول سوسائٽي  شاگردن ۽ شهرين  طرفان بوائز هاءِ اسڪول کان الله والا چوڪ تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

جنهن کي خطاب ڪندي هنن چيو ڪورونا وائرس ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليم جو شعبو متاثر ٿيو آهي، تنهن ڪري اسان کي ٻارن جي تعليم تي وڌ کان وڌ توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت پرائمري کان انٽر تائين مفت تعليم ۽ مفت درسي ڪتاب مهيا ڪري رهي آهي، اسان جي معاشري ۾ سمورن مسئلن جو حل به خواندگي وڌائڻ ۾ آهي، تنهن ڪري اسان سڀني کي ملي ڪري خواندگي ذريعي پاڻ ۽ پنهنجي آس پاس ۾ ڪورونا ۽ ٻين قدرتي آفتن کان بچائڻو پوندو.