news
شهدادپور

شهدادپور ڀرسان قائم جوت علي شاهه ڊسپوزل جي کوهه مان ھڪ ڏينھن اڳ گم ٿيل نينگر جو لاش هٿ

شهدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شهدادپور شھر جي چاڪي پاڙي ۾ شهيد بينظير لڊرين پارڪ ڀرسان قائم جوت علي شاهه ڊسپوزل جي کوهه مان ھڪ ڏينھن اڳ گم ٿيل نينگر 6 سالا صبحان ولد  شاڪر قريشي جو لاش هٿ آيو، جنهن جي وارثن سڃاڻپ ڪئي ته ھي گذريل ڏينهن گم ٿي ويو هو، وارثن ۽ علائقي واسين لاش ايمبولينس ۾ کڻي شهدادپور پريس ڪلب جي سامهون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين ايڊووڪيٽ ياسر نواز ميمڻ، گڊو لغاري ۽ ٻين چيو ته اسان باربار ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ وارن کي دانهيو ته ڊسپوزل کي چوديواري ڏياري وڇي وقت به وقت واقعا پيش ايندا رهن ٿا پر نااهل انتظاميه اسان جي هڪ به نه ٻڌي. هنن گهر ڪئي ته نااهل سي ايم او ۽ پبلڪ هيلٿ عملدارن کي فوري طور هٽائي انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو وڃي.

هوڏانهن معصوم نينگر جي لاش کي شهدادپور سمس اسپتال نيو ويو، جتي نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر جي والدين موجب ته اسان جو نينگر ڪالهه کان گم هو ڪافي ڳولا باوجود نه مليو اڄ سندس لاش ڊسپوزل جي کوهه مان مليو آهي.

ٻئي طرف شهدادپور ۾ بينظير چلڊرين پارڪ لڳ ڊسپوزل جي کوهه ۾ ڪري فوت ٿيندڙ معصوم نينگر سبحان علي قريشي جو ڪيس شهدادپور ٿاڻي تي سندس ڏاڏي محمد اسلم قريشي جي فرياد تي ايس ڊي او ۽ پبلڪ هيلٿ شھدادپور  ناصر مجاهد شيخ ۽ چوڪيدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

ان سلسلي ۾ ايس ڊي او ۽ پبلڪ هيلٿ شهدادپور ناصر مجاهد شيخ جو چيو ته چوڪيدار ڊيوٽي تي موجود هيو، واقعو سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪا سازش ٿي لڳي.