قومي عوامي تحريڪ طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪڙيو گهنور ۾ ريلي

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) سنڌ ۾ افغاني آبادڪاري زمينن ۽ ڳوٺن تي قبضن نوڪرين مان برطرفي پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن خلاف قومي عوامي تحريڪ ڪڙيو گھنور پاران پير فراز شاهه، عابد علي چانڊيو، گيانچند مھيشوري، موھن لعل، اسماعيل مھيري، سومار ماڇي، مظفر شاهه، راجو مھيشوري، ضير احمد چانڊيو، ناز، مٺو مل، الياس رند، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ زوھيب ھوٽل کان کان شھيد فاضل راھو چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي.

انھي موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ افغاني آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي، ڌارين کي ھٿ وٺي سنڌ ۾ آباد ڪري شناختي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن.

ھنن مطالبو ڪيو ته وفاق پاران ۽ خاصخيلي آئل فيلڊ ڪڙيو گھنور مان برطرف ٿيل ملازم بحال ڪيا وڃن، سنڌ جي زمينن ۽ ڳوٺن تان قبضا ختم ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ۽ چوري بند ڪري پوڇڙ تائين پاڻي پھچايو وڃي.