لاهور ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، داعش سان تعلق رکندڙ ٽي دهشتگرد گرفتار

news

لاهور: (جمعو 10 سيپٽمبر 2021ع) دهشتگردي جي انت واري کاتي(سي ٽي ڊي) لاهور ۾ آپريشن ڪندي 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

دهشتگردن کي آئيڊيل پارڪ ٽائون شپ مان گرفتار ڪيو ويو. ترجمان سي ٽي ڊي موجب گرفتار ماڻهن ۾ جنيد ضياءَ، محمد وقاص ۽ محمد جواد شامل آهن. انهن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم داعش سان آهي.

سي ٽي ڊي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن کان دستي بم، بارودي مواد، هٿيار ۽ ليپ ٽاپ هٿ ڪيو ويو آهي. دهشتگردن جو حدف قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ حساس شيون هيون.