news
لاھور

حڪومت اداري کي باهه ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي آهي، ڪير به پڇڻ وارو نه آهي: مريم نواز

لاهور: (جمعو 10 سيپٽمبر 2021ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سوشل ميڊيا  ويب سائٽ ٽوئٽر تي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته اسان صرف ادارن ۾ لڪل منفي ڪردارن تي تنقيد ڪندا آهيون، پر حڪومت سموري اداري کي باهه لڳائڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي آهي ان تي ڪير به چوڻ يا پڇڻ وارو نه آهي.؟

ياد رهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس وفاقي وزير ۽ اليڪشن ڪميشن اختيارين ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي. وفاقي وزير اعظم سواتي اجلاس ۾ چيو هو ته اليڪشن ڪميشن پئسا ورتا آهن، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن هميشه ڌانڌلي ڪندو رهيو آهي. ريلوي واري وزير اعظم سواتي جي بيان تي اليڪشن ڪميشن جا ميمبر ڪاوڙجي پيا جنهن تي اليڪشن ڪميشن جا ميمبر اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

علي محمد خان اليڪشن ڪميشن ميمبرن کي پرچائڻ جون ڪافي ڪوششون ڪيون. علي محمد خان کين چيو ته اسان ويهي ڳالهيون ڪري سگهون ٿا پر اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري علي محمد خان کان اجلاس ۾ وڃڻ تي معذرت ڪري ورتي اسپيشل سيڪريٽري چيو ته حڪومتي وزيرن گذريل ڏينهن به اجلاس ۾ بدتميزي ڪئي، اڄ اليڪشن ڪميشن مٿان سنگين الزام لڳايا ويا. اهڙي ماحول ۾ قائمه ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت نٿا ڪري سگهون.