news
ميرپورماٿيلو

ميرپور ماٿيلو ۾ بدامني باهه عروج تي هندو سيٺ جي گھر ۾ ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي گهرڌياڻي اجنا ٻائي مرڻينگ

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو ۾ بدامني باهه عروج تي پهچي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ميرپور ماٿيلو شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو مندر گلي جي سامھون هندو سيٺ وڪرم جي گھر ۾ نامعلوم ڦورو گهڙي پيا ۽ ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت تي نامعلوم ڦورن گهرڌياڻي اجنا ٻائي کي چاڪو هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد عورت جي رڙين تي ڪيترائي شھري توڙي پوليس وارا پھچي ويا.

هوڏانهن گهرڌياڻي اجنا ٻائي کي ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس پهچي وئي پر ڦورو وجھ وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.