news
ميرپورماٿيلو

ڪاڪردگي کي بهتر بڻائي، فڪس سينٽرن کي مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي ۽ بوٿ وڌايا وڃن: ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدالله جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ڪورونا ويڪسينيشن مهم جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ ڊي ايڇ او سميت لاڳاپيل ميڊيڪل آفيسرن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ويڪسينيشن وارو عمل سست رفتاري سان هلڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سمورن ايم ايسز کي هدايت ڪئي ته ڪاڪردگي کي بهتر بڻائي، فڪس سينٽرن کي مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي ۽ بوٿ وڌايا وڃن ته جيئن ويڪسين لڳرائڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي مشڪل پيش نه اچي. هن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته صحت کاتي گهوٽڪي جي ڪاڪردگي اطمينان جوڳي ناهي. ان باوجود سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ سان هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا.

ان سلسلي ۾ سمورن ذميوارن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ان موقعي تي هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪندي چيو ته پنهنجي پنهنجي تعلقي ۾ موجود صنعتي ادارن کي نوٽس ڏنا وڃن ته پنهنجي اسٽاف کي سئو سيڪڙو ويڪسين لڳرائن ٻي صورت ۾ سنڌ حڪومت جي پاليسي تحت سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ان موقعي تي هن ايم ايس ڏهرڪي جي ڪاڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته هن ڊي ايڇ او کي به هدايت ڪئي ته 3 ڏينهن اندر سموري اسٽاف بابت تفصيلي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.

ان کان اڳ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر وقار ڏهر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت تائين ضلعي ۾ پهرين خوراڪ تحت 2 لک 847 ٽڪا لڳا لڳايا ويا آهن ۽ ٻئين خوراڪ تحت 58 هزار 937 ٽڪا لڳايا ويا آهن، جڏهن ته 26 هزار 600 ڊوز موجود آهن.