لاهور جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ، موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

news

لاهور: (ڇنڇر 11 سيپٽمبر 2021ع) لاهور جي مختلف علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به برسات سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. روڊن تي پاڻي بيهڻ سبب شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. برسات سبب ليسڪو جو نظام به سخت متاثر ٿيو آهي.

رپورٽ موجب لاهور ۾ ٻئي ڏينهن به  تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. روڊن تي ڪيترائي فٽ پاڻي جمع ٿي ويو جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني به سخت متاثر ٿي. طوفاني  برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي گهرن اندر داخل ٿي ويو. برسات سبب بجلي جو نظام به سخت متاثر  ٿي ويو آهي. ليسڪو جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا. شهر جي مختلف علائقن ۾  بجلي جي سپلائي به معطل ٿي وئي آهي. هوڏانهن لاڳيتو پوندڙ برساتن کان پوءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار صوبائي انتظاميه، پي ڊي ايم اي ۽ واسا اختيارين کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته لاڳاپيل آفيسر پاڻ فيلڊ ۾ موجود رهن جيترو جلد ٿي سگهي  پاڻي ڪڍڻ واري ڪم کي مڪمل ڪيو وڃي.

موسميات کاتي  ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به کنوڻ سان برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. موسميات کاتي موجب اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته اوڀر بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. بلوچستان جي علائقي زوب، موسيٰ خيل، سبي، ڪوهلو، بارکهان، زيارت ۽ ڪوئٽه ۾ اڄ به برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته قلات، خضدار، آواران ۽ لسبيله ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي. سنڌ جي ضلعن سکر، جيڪب آباد، دادو، لاڙڪاڻو بينظير آباد، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، مٺي، سانگهڙ، حيدرآباد، بدين، ٺٽو ۽ ڪراچي ۾ به برسات جو امڪان آهي.