نائن اليون کي ويهه سال گذري ويا، سعودي عرب جي ملوث هجڻ جو ثبوت ناهي مليو: جاچ سربراهه

news

واشنگٽن: (ڇنڇر 11 سيپٽمبر 2021ع) آمريڪي زمين تي القاعده جي سڀني کان وڏي دهشتگردي واري ڪارروائي کي 20 سال گذري ويا، نائن  اليون جي نالي سان مشهور ٿيندڙ واقعي ۾ 2 هزار 996 ماڻهو مارجي ويا هئا، نائن اليون جي ماسٽر مائنڊ خالد شيخ محمد ۽ سندس چئن ساٿين مٿان داخل ڪيس جو اڄ تائين فيصلو نه ٿي سگهيو.

هوڏانهن نائن اليون جاچ ڪميشن جي سربراه ٽامس ڪين چيو آهي ته آمريڪا ۾ پيش ايندڙ واقعي ۾ سعودي عرب جي ملوث هجڻ جو ثبوت ناهي مليو. هن چيو ته جهازن جي حملي کي روڪي سگهجيو ٿي. ياد رهي ته سعودي حڪومت آمريڪا  مٿان 11 سيپٽمبر جي دهشتگرد حملن بابت ڳجها دستاويز سامهون آڻڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.

سعودي عرب چيو آهي ته اسان 11 سيپٽمبر جي معاملي تي هميشه شفافيت تي زور ڏنو آهي. اميد آهي ته ڳجها دستاويز سامهون اچڻ سان سعودي عرب جي خلاف بي بنياد الزام هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندا. واضح رهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن تازو ئي 11 سيپٽمبر 2001 تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر مٿان ٿيندڙ حملن بابت ڳجها دستاويز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. آمريڪي صدر حڪومتي جاچ جا ڳجها دستاويز ايندڙ 6 مهينن ۾ جاري ڪرڻ جي حڪم نامي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.