news
ميرپورماٿيلو

ميرپورماٿيلو شھر ويجھو نيشنل ھاءِ وي تان ٻه ڌار ڌار ڦر جون وارداتون، متاثر جو احتجاج

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپورماٿيلو شھر ويجھو نيشنل ھاءِ وي تان 2 ڌار ڌار ڦر جون وارداتون، سيد پور اڏي ويجھو نيشنل ھاءِ وي تي موٽرسائيڪل سوار ڦورن جروار جي رھواسي موٽرسائيڪل سوار واپاري سنگيت ڪمار کان سوني منڊي، موبائل فون ۽ روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

جڏهن ته نوجوان شھري جو پوليس ٿاڻي آڏو احتجاج.

جڏھن ته ڄاڻايل واردات کان ٿوري دير بعد ميرپورماٿيلو ۾ کير ۽ ڏھي وڪرو ڪندڙ دوڪاندار وشال ڪمار کان ڳوٺ نباھو مھر لڳ نيشنل ھاءِ وي تان موٽرسائيڪل سوار ڦورو روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.