news
ميرپورماٿيلو

ميرپور ماٿيلو ۾ بدامني خلاف سول سوسائٽي ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران شهر ۾ شٽر بند هڙتال

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو ۾ بدامني خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن، آريسر ايس يو پي طرفان شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري پريس ڪلب کان گھنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هڻي مظاهرو ڪيو ويو.

جنهن جي اڳواڻي مکي ڊاڪٽر نند لعل، ڊاڪٽر رميش، دليپ ڪمار مانڌاڻ، ڪامريڊ ڪڪو رام، جسقم ضلعي اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ، مير حسن لاشاري، جسم اڳواڻ ڪمال مھر، جي يو آئي ضلعي امير مولوي اسحاق لغاري ۽ ايس يو پي اڳواڻ اڪرم ميتلو ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڏينهون ڏينهن ھندن سان ظلم آهي، شھر ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي پر ھاڻي ظلم جي انتها آهي. ھندو برادري سميت شهري ڏينهن جو گھرن ۾ محفوظ ناهن، اسان ڪاڏي وڃون، ڪنهن در دانهن ڏيون، آخر اسان سان ايترو ظلم ۽ ناانصافي ڇو آهي.

هنن چيو ته اسين مطالبو ڪيون ٿا آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر کان ته ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ۽ ايس ايڇ او طاهر محمد قادري کي ھٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ بنادير جي ڦورو گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪري اسان مان مايوس ختم ڪئي وڃي.

هنن چونڍيل نمائندن کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته توهان صرف اسان کان ووٽ وٺڻ مھل ظاهر ٿيندا آھيو، باقي اسان سان ڪيترو ظلم ٿي رهيو آهي، اوهان ھميشه وانگر غائب رھندا آھيو، خدارا اسان سان ناانصافيون بند ڪيو وڄن، اسان به سنڌ ڌرتي جا ڄاوا آهيون، اسان به سنڌي آھيون، اسان امن پسند آھيون، اسان جھيڙو پسند ناھيون، خدا جي واسطي اسان تي رحم ڪيو.