news
ميرپورماٿيلو

ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ملازم کي نامعلوم ماڻهن ڪشمور کان ميرپور ماٿيلو موٽندي اغوا، وارث سخت پريشان

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳڙهي چاڪر جي رهواسي نوجوان ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ملازم سجاد ميراڻي کي نامعلوم ماڻهن ڪشمور کان ميرپور ماٿيلو ايندي مريد شاخ ويجهو چاڙيلن پاران اغوا ڪري ويا آهن، جڏهن ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ملازم نوجوان سجاد ميراڻي جو موبائيل فون بند آهي، جنهن سبب وارث سخت پريشان آهن.

هوڏانهن نوجوان جي وارثن پاران ايس ايس پي ڪشمور، ايس پي گھوٽڪي، ڊي آءِ جي سکر، آءِ جي سنڌ کان مغوي نوجوان سجاد ميراڻي کي جلد از جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.